ڪورين ڪمپني هوا کي صاف ۽ تازو بنائيندڙ جديد ماسڪ تيار ڪري ورتو

news

سيول: (سومر 31 آگسٽ 2020ع) ڪورونا وبا دوران سڄي دنيا  جي ماڻهن کي طرح طرح جا فيس ماسڪ پائيندي ڏٺو ويو. ڪنهن وائرس کان بچڻ جي لاءِ مهانگي سون جو ماسڪ پاتو ته ڪنهن واڱڻ جي کلن سان ئي ماسڪ تيار ڪري ورتو.

اهڙي صورتحال ۾ ٽيڪنالاجي ڪمپنيون به پوئتي نه رهيون  هنن به جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي نت نوان فيس ماسڪ پيش ڪيا. هاڻ تازو ئي ڪورين اليڪٽرانڪ ڪمپني ايل جي انتهائي جديد ترين ماسڪ تيار ڪري ورتو آهي.  ڪورين ڪمپني ايل جي پنهنجي(پيوري ڪيئر ويئرايبل ايئرپيوريفائر) جي نمائش ٽيڪنالاجي ميلي آءِ ايف اي 2020 ۾ ڪندي.

ايل جي جي هن ايڊوانس ايئرپيوريفائر ماسڪ ۾ ايڇ 13 ايڇ اي پي اي فلٽرز لڳل هوندا آهن جيڪي ڪمپني جي ٻين هوم اپلائنس ۾ به لڳل هوندا آهن. ڪمپني موجب هي فلٽرز صارفين کي صاف سٿري هوا ۽ تازو ساهه کڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

ٻئي طرف هن ۾ ريسپائريٽري سينسر به لڳل هوندا آهن جيڪي ماسڪ پائيندڙن کي ساهه جي حجم ۽ ان جي دوراني جو به اندازو لڳائي سگهن ٿا. ڪمپني موجب هن کي هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ کان پوءِ لو سيٽنگ تي ڪرڻ کان پوءَ 8 ڪلاڪ جڏهن ته هاءِ سيتنگ ڪرڻ کان پوٰءِ 2 ڪلاڪ تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه هن جي چارجنگ ڪيس يوري(الٽرا وائلٽ) روشن ٿيل آهي جيڪو خطرناڪ جراثيم کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ايل جي  ڪي طرفان هن ايڊوانس فيس ماسڪ کي مارڪيٽ ۾ پيش ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن به تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي هن جي قيمت  بابت وڌيڪ خبر پئجي سگهي آهي.