پنهنجي دور ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو، مخالفن رنڊڪون وڌيون: گمبٽ ميونسپل ڪميٽي جو اڳوڻو چيئرمين

news

گمبٽ (رپورٽ: تسليم عباسي) ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ جي اڳوڻي چيئرمين خالد حسين شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي دور ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي.

هن وقت ميونسپل ڪاميٽي ۾ هر مشينري موجود آهي. شهر جي 13 وارڊن ۾ ڪم ڪرايا آهن. ترقياتي ڪمن دوران پ پ جي مخالف ڪائونسلرن رنڊڪون وڌيون پوءِ به هر وارڊ ۾ ڪم ڪرايو آهي. شهر جو مين روڊ اسٽيشن روڊ تي پيور لڳرايو آهي. اڄ خوشي ٿي آهي جو عوام مون کي خدمت جو موقعو ڏنو ۽ خوش اسلوبي سان وقت پورو ڪيو آهي.

اڄ سرڪاري گاڏيون به واپس ڪيون آهن. تڪ جي چونڊيل پ پ ايم پي اي ۽ پ پ ايم اين اي شهر ۾ ترقياتي ڪم لاءِ ڪو به تعاون نه ڪيو جنهن ڪري شهر ۾ ڪجھ ڪمن رهجي ويا آهن. هن وقت ڪجھ خيراتي ڪم جاري آهن. مخير حضرات پنهنجي مدد پاڻ تحت شهر جي مختلف گھٽين ۾ پيور هڻائي رهيا آهن. جن ڪمن جو ميونسپل جي بجيٽ سان ڪو به تعلق نه آهي.