سنڌ يونيورسٽي جا آن لائين سيمسٽر امتحان سڀاڻي پهرين سيپٽمبر کان شيڊول مطابق ورتا ويندا

news

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق سنڌ يونيورسٽي جا هلندڙ پهرين سيمسٽر جا آن لائين امتحان جيڪي شديد برساتن سبب شاگردن جي ڏکيائين کي سامهون رکندي 31 آگسٽ تائين ملتوي ڪيا ويا هئا، اهي سڀاڻي پهرين سيپٽمبر کان جاري شيڊيول تحت ورتا ويندا.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ملتوي ٿيل تاريخن تي رٿيل آن لائين امتحان پنجين هفتي ۾ ورتا ويندا۔ جيڪي شاگرد 24 ۽ 25 آگسٽ تي آن لائين امتحان نه ڏئي سگهيا آھن، انهن کان پڻ پنجين هفتي ۾ امتحان ورتا ويندا.