سائنسدانن هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ کان پوءِ هزارين سال هلندڙ بيٽري تيار ڪري ورتي

news

ڪيليفورنيا: (اربع 02 سيپٽمبر 2020ع) ڇا اوهان گاڏي يا موبائل فون ۾ استعمال ٿيندڙ اهڙي بيٽري جو سوچي سگهو ٿا جنهن کي هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ کان پوءِ ان کي اوهان جو اولاد ۽ پوٽا پوٽيون به استعمال ڪري سگهن.

ڪيليفورنيا جي هڪ ڪمپني جوهري فضلي مان نينو ڊائمنڊ بيٽري تيار ڪري ورتي آهي جيڪا 5 هزار سال کان وڌيڪ تائين چارج رهي سگهي ٿي. بيٽري جي طاقت جوهري ري ايڪٽرن ۾ استعمال ٿيندڙ ڌماڪيدار مادي مان حاصل ٿي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته نيو ڊائمنڊ بيٽري جي تياري ۾ سخت ترين دهات هيري جو استعمال ڪيو ويو آهي جنهن سبب ان ۾ انساني جسم کان به گهٽ تابڪاري جو اخراج ٿيندو آهي.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن مذڪوره بيٽري جا 2 ليبارٽري ٽيسٽ ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتا آهن. بيٽري کي سولر پاور جي ذريعي 40 سيڪڙو چارج ڪيو ويو جيڪا هڪ اهم ڪاميابي آهي ڇو ته سولر پاور مان عام طور تي ڪابه بيٽري 15 کان 20 سيڪڙو ئي چارج ٿي سگهندي آهي. پنج هزار سال هلندڙ بيٽري تيار ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته مان تمام جلد بيٽري کي 90 سيڪڙو تائين چارج ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري وٺندس.

بيٽري جي  پاسي ۾ مصنوعي هيري جا ڪيترائي حفاظتي پرت ٺاهيا ويا آهن جيڪا سخت دهات آهي. آئسوٽوپ مان حاصل  ٿيندڙ توانائي هيري ۾ ان  عمل جي ذريعي جذب ڪئي ويندي آهي جنهن کي ان ايلاسنڪ سڪيئرنگ چيو ويندو آهي ۽ هي بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي.