اوڏير لال لڳ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رهواسين جو احتجاج

news

اوڏيرولال (رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا) يوسي حسين هنڱورو جي وڏي آبادي وارن ڳوٺن گولو ميرجت ۽ حاجي عبدالله بلوچ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، رهواسين جو  فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي مٽياري جي اڳواڻ سردار شعيب بلوچ ۽ لياقت ميرجت جي اڳواڻي ۾ چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ شعيب بلوچ چيو ته ضلعي مٽياري کي آفت سٽيل ضلعو قرار ڏنو ويو آهي، ان کانپوءِ به تعلقي مٽياري جا ڪافي ڳوٺ هن وقت به بي يارو مددگار بڻيل آهن، اڳواڻن چيو ته ٻين ڳوٺن سان گڏ وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺن گولو مير جت ۽ حاجي عبدالله بلوچ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب هتان جا مسڪين ۽ غريب ماڻهو برساتي پاڻي ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته تيز برساتن سبب ڪيترائي فوٽ پاڻي آبادين ۾ بيٺل آهي، جنهن ڪري نه صرف انسان ذات سخت پريشان آهي پر چوپايو مال پڻ بيمار ٿي پيو آهي.

ان موقعي تي مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪري اسان کي پريشانين کان بچايو وڃي.