ميهڙ ۾ ارڙهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي سيپڪو خلاف احتجاجي ڌرڻو، روڊ بلاڪ

news

ميهڙ(رپورٽ:جاويد سومرو) سيپڪو ميھڙ پاران فريد آباد ايڪسپريس فيڊر تي 18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ بار بار ٽرپنگ ڪري بجلي بند ڪرڻ خلاف ميهڙ لڳ ڳوٺ قاضي عارف مهيسر جي رهواسين مختلف سياسي پارٽين، سول سوسائٽي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ ميهڙ قاضي عارف روڊ تي قاضي عارف ڳوٺ جي مين اسٽاپ جي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ 4 ڪلاڪ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب ميهڙ مان فريدآباد ۽ مختلف ڳوٺن ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بهي ويون ۽ ٽريئفڪ معطل رهي.

 ان موقعي تي احتجاجي مظاهرو ڪندڙن سيپڪو ميھڙ جي ايس ڊي او، ايل ايس ۽ لائن مين جي ٺاهيل پتلن کي باه ڏئي ساڙي سندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي  مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ حافظ غلام حيدر مهيسر، ايس يو پي اڳواڻ عبدالحميد سومرو، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن حاجي عزيزاللٰہ منگي، معشوق سومرو،  پي ٽي آءِ اڳواڻ مير ملاح، سول سوسائٽي جي اڳواڻن منور منگي، سھيل احمد سومرو، سجاد احمد سومر حافظ توصيف الرحمان مھيس حافظ ڪمال الدين منگي، مظاهرو ڪندڙن کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فريد آباد ايڪسپريس فيڊر فريدآباد ميھڙ جي سڀني فيڊرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بلن جي ادائگي ڪري ٿو ان باجود به سيپڪو ميھڙجي انتظاميہ بنا سبب 18ڪلاڪ ڊگھي لوڊشيڊنگ ۽ ٽرپنگ ڪري بجلي بند ڪري قاضي عارف مهيسر ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي عوام کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته بجلي بند هجڻ سبب اسان جون رائيس ملون، برف جا ڪارخانا ۽ ٻيو ڪاروبار بند هجڻ ڪري سوين ماڻھن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، ھنن سيپڪو جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فريدآباد ايڪسپريس فيڊر تي ٿيندڙ بجلي جي ڊگهي لوڊ شيڊنگ ڪرڻ تي سيپڪو ميھڙ جي ايس ڊي او، لائين سپريڊنٽ ۽ لائين مين جي اھڙي عمل جو نوٽيس وٺي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۽ ٽرپنگ بند ڪئي وڃي، ھنن چتاءُ ڏنو ته 12 ڪلاڪن جي اندر سندن مطالبو نه مڃيو ويو ته روزانو روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويندو.