صوابي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٽن ٻارن سميت پنج ماڻهو اجل جو شڪار، ٻه زخمي

news

صوابي:صوابي جي علائقي موسيٰ بانڊه ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ ڪري 3 ٻارن سميت 5 ماڻهو اجل شڪار ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن موجب سمورا ماڻهو ملبي هيٺان اچي مري ويا ۽ حادثي ۾ وڌيڪ ٻه ماڻهو زخمي به ٿيا، زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٻئي طرف پرونشل ڊيزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم) جو چوڻ آهي ته تازين برساتن ۽ سيلاب جي نتيجي ۾ 23 ماڻهو مري ويا آهن جڏهن ته مختلف واقعن ۾ 34 ماڻهو زخمي ٿيا.

پي ڊي ايم اهو به چيو ته صوبي ۾ ايمرجنسي آپريشن سينٽر مڪمل طور فعال آهي.