خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب مختلف حادثن ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ اٺاويهه ٿي ويو

news

مانسهره: (خميس 03 سيپٽمبر 2020ع) سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال تباهي مچائي  ڇڏي آهي. جڏهن ته دريائن، ندي نالن ۾ چاڙهه سبب بيٺل فصلون تباهه، روڊن ۽ بلن کي سخت نقصان پهتو آهي. خيپرپختونخواهه ۾ طوفاني برساتن سبب مٽيءَ جي ڇپن کان علاوه ڇتون ڪرڻ ۽ پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ جي مختلف حادثن جي نتيجي ۾ 28 ڄڻافوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

برساتن  کان پوءِ ٻوڏ واري صورتحال سبب نوشهره ۽ چارسده ۾ دريائن جي ويجهو ڪيترائي ڳوٺ خالي ڪرايا ويا آهن. جڏهن ته سياحن کي ڪڍيو پيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر نوشهره مير رضا علائقي ۾ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪابل درياءَ جي ڪنارن تي آبادي ۾ رهائش اختيار ڪندڙ ماڻهن کي پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سوات درياءُ جي ٻوڏ وهڪري ۾ 3 ڄڻا ٻڏي ويا آهن جن مان هڪ جي لاش هٿ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻين ٻن جي ڳولا جاري آهي. ٻڏي ويلن ۾  هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي. هوڏانهن مانسهره جي علائقي اوڪي حسين بانڊه ۾ تيز برساتن سبب گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فضل الاهي، محمد شبير، نور اسلام بنت بي بي جان فوت ٿي ويا. مانسهره جي ئي علائقي چهترپلين ۾ گهر مٿان مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا دٻجي ويا.