وڏي وزير مراد علي شاهه پاران سکر بيراج جو دورو، متاثر ٿيل علائقن ۾ ٻوڏ صورتحال جو جائزو

news

سکر: (سومر 07 سيپٽمبر 2020ع) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻوڏ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سکر بيراج جو دورو ڪيو. آبپاشي اختيارين طرفان وڏي وزير کي سکر بيراج تي ٻوڏ صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

آبپاشي اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گڊو  واري هنڌ تي هن وقت اونچي درجي ۽ سکر بيراج تي وچولي درجي جو سيلاب آهي.  جتي جتي حفاظتي بندن جو خطرو آهي اتي ان جي مرمت ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير اي آءِ کي حفاظتي بندن جي نگراني لاءِ مقرر ڪيل عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ وزيراعظم کي برساتن سبب ٿيندڙ نقصانن جي حوالي سان آگاهي ڏني هئي.

136  ڄڻا برساتن دوران فوت ٿيا. اڄ وزيراعظم کي خط ذريعي به آگاهي ڏيندس ته 23 لک ماڻهو ۽ 20 ضلعا برساتن سبب متاثر ٿيا. هر جڳهه وڃي رهيو آهيان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ٽن ڏينهن جي دوري تي نڪري رهيو آهي.