ڪورونا وائرس: دنيا ۾ ٻه ڪروڙ ٻاهتر لک ٽيانوي هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر

news

نيويارڪ: (سومر 07 سيپٽمبر 2020ع)  عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ 2 ڪروڙ 72 لک 93 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن ۽ 8 لک   87 هزار 557 فوتگيون به ٿيون آهن.

سڄي دنيا ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 93 لک 78 هزار 823 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت ايڪٽو ڪيسن جو انگ 70 لک 27 هزار کان وڌيڪ آهي. آمريڪا ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 64 لک 60 هزار کان وڌيڪ  ٿي ويو آهي ۽ اتي هڪ لک 93 هزار 250 فوتگيون ٿيون آهن. ڀارت ۾ ڪورونا  وائرس جي مريضن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هاڻ ڀارت ڪورونا وائرس سبب متاثر  ماڻهن جي لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي پهچي ويو.

ڀارت ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 52 لک 4 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. برازيل ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ٽئين نمبر تي آهي.  جتي مريضن جو انگ 41 لک 37 هزار کان وڌيڪ ۽ هڪ لک 26 هزار 686  مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن. روس ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي آهي جتي 10 لک 26 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿي چڪا آهن ۽ فوتين جو گڏيل انگ 17 هزار 820 ٿي ويو آهي.

پيرو ۾ به 6 لک 89 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 29 هزار 838 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن. ڪولمبيا ۾ ڪورونا سبب 21 هزار 412 فوتگيون ٿيون آهن. جڏهن ته 6 ڪل 66 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 14 هزار 889 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 6 لک 38 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. ميڪسيڪو ۾ 6 لک 34 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر آهن ۽ 67 هزار 558 فوتگيون ٿيون آهن.