سي سي پي او لاهور جي مقرري تي آءِ جي پنجاب ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

news

لاهور: (اڱارو 08 سيپٽمبر 2020ع) لاهور پوليس جي سربراهه عمر شيخ جي مقرري جو تڪرار شدت اختيار ڪر ي ويو. پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات جي باوجود آءِ پنجاب پنهنجي آفيس مان غير حاضر رهيو.

پنجاب پوليس ۽ لاهور پوليس جي اڳواڻن ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي  جنهن کان پوءِ آءِ جي پنجاب شعيب دستگيز ٽئين ڏينهن به پنهنجا فرض انجام ڏيڻ لاءِ آفيس نه آيو. گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات جي باوجود آءِ جي پنجاب پنهنجي آفيس مان غير حاضر رهيو جنهن  سبب سندس ماتحت آفيسر ٻڏتر جو شڪار آهن.

آءِ جي پنجاب شعيب دستگير ان حوالي سان چيو آهي ته ڪيپيٽل سٽي  پوليس جي نئين سربراهه عمر شيخ کي منهنجي مشوري سان مقرر نه ڪيو ويو. سي سي پي او لاهور عمر شيخ کي نه هٽايو ويو ته مان بحيثيت آءِ جي پنجاب  پنهنجي عهدي تي نه رهندس.

ذريعن موجب آءِ جي پنجاب نئين سي سي پي او لاهور عمر شيخ جي مقرري تي وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سان به ملاقات ڪري چڪو آهي.