اڳڙا ۽ ڀرپاسي ڪمند جي پيڙهائي شروع، آبادگارن ۾ سرهائي

news

اڳڙارپورٽ: غلام رسول ڪلھوڙو)اڳڙ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪمند جو فصل تيار ٿي ويوآهي، آبادگارن شگر ملون کلڻ جي انتظار ڪرڻ بدران پاڻ مرادو پيڙائي شروع ڪري ڇڏي آھي.

ان سلسلي ۾ آبادگارن جو چوڻ آھي تہ ڪرونا ۽ مسلسل لاڪ ڊائون سبب اسان آبادگار انتھائي مالي مشڪلات ۾ گذاري رھيا ھياسين، اللہ پاڪ جو شڪر آھي ڪمند جو فصل تيار ٿي چڪو آھي جنھن ڪري چيچڙا لڳائي پاڻ مرادو ڪمند جي پيڙائي ڪري رھيا آھيون ۽ ٺھندڙ ڳڙ مٺائي گمبٽ ۽ پير ڳوٺ جي منڊين ۾ موڪليون ٿا.

ڳڙ مٺائي 4 ھزار کان 5 ھزار روپين تائين في مڻ وڪامي ٿي جڏھن تہ ڪمند جي پوکائي کان ڪٽائي تائين تمام گھڻو خرچ اچي ٿو. 

آبادگارن جو اھو بہ چوڻ آھي تہ جيڪڏھن شگر ملون مقرر وقت تي ھلن، مناسب اگھ ۽ رقم روڪ ملي تہ ڳڙ مٺائي ٺاھڻ کان شگر ملن کي ڪمند ڏيڻ ۾ فائدو آهي.

ھنن ٻڌايو تہ پاڻمرادو پيڙائي ڪري ڳڙ مٺائي ٺاھي مارڪيٽ ڏيڻ سان اسا آبادگارن جون تڪڙيون ضرورتون پوريون ٿين ٿيون

ھنن دانھون ڪيون تہ ڊيزل آئل، رنگڪاٽ ۽ سوڍا وغيري مھانگي آھي جنھن کي سستو ڪرڻ گھرجي.