پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سان نئين آءِ جي انعام غني جي ملاقات

news

لاهور: (اربع 09 سيپٽمبر 2020ع) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سان نئين انسپيڪٽر جنرل پوليس انعام غني ملاقات ڪئي آهي. عثمان بزدار آءِ جي پوليس کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي حوالي سان هدايتون ڏنيون.

پنجاب جي وڏي وزير نئين انسپيڪٽر جنرل پوليس انعام غني لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. عثمان بزدار ملاقات دوران نئين آءِ جي کي هدايتون ڏنيون ته ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي، ميرٽ ۽ قانون جي بالادستي کي هر صورت ۾ يقيني بنائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

غلط ڪم جي  لاءِ ڪنهن جو به دٻاءُ برداشت نه ڪيو وڃي. عثمان بزدار چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي بنيادي ذميواري ۽ اولين فرض آهي. عوام کي پوليس کان تمام گهڻيون اميدون آهن. پوليس کي مڪمل طور تي اڻڌريو بنائڻو آهي.