پوٽي پب جي گيم گيڏڻ لاءِ ڏاڏي جي لکين روپين جي پينشن داءُ تي لڳائي ڇڏي

news

نئين دهلي: (اربع 09 سيپٽمبر 2020ع)پوٽي پب جي گيم کيڏڻ جي لاءِ ڏاڏي جي لکين روپين جي پينشن اڏائي ڇڏي. ڀارتي ميڊيا موجب پب جي گيم جي نشي ۾ مبتلا 15 ساله نوجوان گيم کيڏڻ جي لاءِ رقم جي ادائيگي لاءِ ڏاڏي جي پينشن اڪائونٽ جو استعمال ڪيو ۽ اڪائونٽ ۾ موجود پينشن جي رقم 2 لک 34 هزار روپيه گيم جي لاءِ ادا ڪيا. 

دهلي پوليس جي سائبر سيل ان حوالي سان چيو آهي ته نوجوان ڪيترن ئي مهينن کان پب جي گيم کيڏڻ لاءِ رقم جي ادائيگي لاءِ پنهنجي ڏاڏي جو پينشن اڪائونٽ استعمال ڪري رهيو هو جنهن مان هن لاڳيتو ادائيگيون ڪيون. دهلي پوليس موجب واقعي جي خبر ان وقت پئي جڏهن اڪائونٽ هولڊر کي موبائل فون تي اڪائونٽ مان رقم ڪٽجڻ جو ميسيج  مليو جنهن ۾ اڪائونٽ مان 2500 روپيه ڪٽوتي جي اطلاع ڏني وئي ۽ اڪائونٽ ۾ بقايا رقم صرف 275 روپيه هئي. ميسج ڏسڻ تي اڪائونٽ هولڊر بينڪ سان رابطو ڪيو ۽ اڪائونٽ ۾ موجود 2 لک 34 هزار روپيه ٽرانسفر ٿيڻ بابت ٻڌايو.

پوليس  موجب شڪايت ڪندڙ پوليس سان رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ته مون  پنهنجي اڪائونٽ مان ڪابه ٽرانزڪشن ناهي ڪئي. پر پوليس جي جاچ مان خبر پئي ته لاڳاپيل اڪائونٽ مان 2 مهينن جي اندر 2 لک 34 هزار 297  روپين جي ٽرانزڪشن ڪئي وئي جنهن تي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس اختيارين ٻڌايو ته جاچ مان خبر پئي ته ٽرانزڪشن 23 ساله پنڪج ڪمار جي هڪ رجسٽرڊ اڪائونٽ جي ذريعي ڪئي وئي جنهن تي پوليس پنڪج ڪمار کي گرفتار ڪري ورتو.

جوابدار پوليس کي ٻڌايو ته منهنجي هڪ ويجهي دوست آءِ ڊي ۽ پاسورڊ ٺاهي رقم ٽرانسفر ڪرڻ جو چيو.   پوليس چيو آهي ته  پنڪج ڪمار سان جاچ کان پوءِ خبر پئي ته  ان جو دوست متاثر شخص جو پوٽو آهي جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان دوران  هن جاچ ۾ پب جي گيم جي ادائيگي جي لاءِ ڏاڏي جو اڪائونٽ استعمال ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو. پوليس موجب نوجوان ٻڌايو ته رقم جي منتقلي کان پوءِ مان پنهنجي ڏاڏي جي موبائل مان بينڪ  طرفان مليل ٽائم پاسورڊ ڊيليٽ ڪري ڇڏيندو هئس.