موٽر وي زيادتي ڪيس جو ڪوبه جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي: آءِ جي پنجاب

news

لاهور: (ڇنڇر 12 سيپٽمبر 2020ع) آءِ جي پنجاب امام غني چيو آهي ته لاهور سيالڪوٽ موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ اڃان تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. ان حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ خبرون هٿ ٺوڪيون آهن.

رپورٽ موجب آءِ جي پنجاب چيو آهي ته جوابدارن جي گرفتاري جي حوالي سان مختلف ٽي وي چينلن ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون غلط ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن. سوشل ميڊيا تي جوابدارن ۽ عورت جون جيڪي تصويرون شيئر ڪيون  پيون وڃن اهي غلط ۽ ڪوڙيون آهن.

هن چيو ته هن ڪيس جي جاچ جي مان پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهيان ۽ ڪنهن  به قسم جي ڪاميابي تي مان پاڻ  ميڊيا کي آگاهي ڏيندس. بنا ڪنهن  تصديق واريون خبرون نه صرف ڪيس تي اثر انداز ٿينديون آهن پر عوام جي لاءِ به گمراهه ڪندڙ آهن.

آءِ جي پنجاب وڌيڪ چيو ته منهنجي  ميڊيا جي نمائندن کي گذارش آهي ته هو تصديق کان سواءِ ڪابه خبر نه هلائين عوام اسان مٿان اعتماد رکي اسان جلد کان جلد جوابدار گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين.