ميرا جي اسٽيج ڊرامي دوران نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ

news

فيصل آباد: (ڇنڇر 12 سيپٽمبر 2020ع) فيصل آباد ۾ پاڪستان جي مشهور اداڪاره ميرا جي اسٽيج ڊرامي دوران  سبينه ٿيٽر جي ٻاهران نامعلوم موٽر سائيڪل سوار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.

پوليس ذريعن موجب فيڪٽري ايريا جي علائقي ۾ واقعه سبينه ٿيٽر ۾ جاري  اسٽيج ڊرامي دوران نامعلوم جوابدارن ٿيٽر جي ٻاهران فائرنگ ڪئي  جنهن کان  پوءِ هو فرار ٿي ويا. جنهن سبب ٻاهر بيٺل گاڏين جا شيشا  ٽٽي پيا.

فائرنگ وقت اداڪاره ميرا به اسٽيج تي موجود هئي فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي. اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.