طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي وئي

news

دوحا: (ڇنڇر 12 سيپٽمبر 2020ع) قطر ۾ طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ٻن ڏهاڪن کان جاري رهندڙ جنگ جي خاتمي لاءِ امن ڳالهين جي شروعات ٿي وئي آهي  جنهن کان پوءِ پاڪستان امن عمل کي ناڪام بنائيندڙ طاقتن کان هوشيار رهڻ تي زور ڏنو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب دوحا جي مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو آهي ته افغانستان ۾ لاڳو ڪيل سياسي نظام جي باري ۾ افغانين کي فيصلو ڪرڻو پوندو. دوحه روانو ٿيڻ کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته هن تاريخي موقعي کي ضايع نه ڪيو وڃي.

افغانستان امن ڪائونسل ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه عبدالله عبدالله چيو آهي ته جيڪڏهن ٻئي ڌريون ملي پوري ديانت سان امن جي لاءِ ڪم ڪنديون ته افغانستان جون پريشانيون ختم ٿي سگهن ٿيون ان لاءِ انساني بنيادن تي جنگبندي ٿيڻ گهرجي.