بلاول ڀٽو جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان سندس والده جي وفات تي تعزيت

news

سکر: پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي رهائشگاهه تي پهچي سندس والده جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي مرحومه والده جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ درجات جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو سان گڏ سردار محمد بخش، صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه، سينيٽر اسلام دين شيخ، نعمان شيخ ۽ ٻيا موجود هئا.