news
حيدرآباد

ڪراچي کي اصل خطرن کان لاتعلقي

سنڌ امن جي ڌرتي آهي، سنڌ جي عوام جي پرورش صدين کان صوفين ڪئي آهي، ان جي ڪري سنڌ کي صوفين جي ڌرتي چوندا آهن، گڏوگڏ ريڪارڊ تي اها به ڳالهه آڻڻ چاهيان ٿو ته جيڪي عناصر پاڻ کي ” ڪراچي جي ترجمان “ طور پيش ڪن ٿا انهن جو تعلق جنهن ڪميونٽي سان آهي انهن جي واضح اڪثريت انتهائي پرامن، ايماندار ۽ سنڌ دوست آهي پر شايد ڪجهه اندروني ۽ بيروني عناصر نٿا چاهن ته امن جي ڌرتي تي امن رهي، ان موقعي تي آئون سنڌ جي مشهور قومي شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو هڪ شعر پيش ڪريان ٿو.

هو چونئي تون م نه چئو واتان ورائي،

اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي.

ان جو مطلب آهي ته ”جيڪڏهن تنهنجي خلاف هو ڪجهه ڳالهائن ٿا ته تون ساڳئي انداز ۾ جواب نه ڏي، ان انداز جي جيڪو شروعات ڪندو آخر ۾ نقصان به اهوئي کائيندو“، ڪي اٺ سال ٿيا هوندا، مونکي آمريڪا جي شهر واشگنٽن ۾ ٿيل هڪ ڪانفرنس ۾ گهرايو ويو، ان ۾ سنڌ ۽ پاڪستان مان ٻين ماڻهن کي به گهرايو ويو، ان ڪانفرنس جي صدارت هڪ وڏي دانشور پئي ڪئي.

مونکي به ان ڪانفرنس ۾ پنهنجو مقالو پڙهڻو هو، اهو مقالو انگريزي ۾ هو ۽ ان جو عنوان هو”SAVE SINDH-SAVE SOUTH   ASIA“ ان مقالي جي آخر ۾ مون شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو اهوئي شعر پڙهيو ۽ تجويز ڏني ته ڪاش گڏيل قومون ان شعر کي سموري دنيا لاءِ Emblem of Peace (امن جي علامت) جي طور تي پنهنجي لوگو جو حصو بڻائي.

بهرحال اها ڳالهه ڳالهين ۾ نڪري آئي، اڄ جي ڪالم ۾ منهنجو اصل موضوع اهو آهي ته جيڪي مهربان پاڻ کي ڪراچي جو خليفو ڪري پيش ڪن ٿا انهن کي ڪراچي سان جيڪي مسئلا آهن، ان کي جيڪي خطرا آهن ان جي کين خبر ناهي نه ته اهو راڳ ڳائڻ بجاءِ ملڪي ۽ عالمي قوتن جو ڌيان ڇڪائن ها، في الحال آئون سڀ کان پهريان ڪراچي کي موجود ان خطري ڏانهن ڌيان ڏيارڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جي سمنڊ ۾ درياءَ جي پاڻيءَ کي روڪيو ويو ته ايندڙ 50،60 سالن دوران ڪجهه ٻين سامونڊي علائقن سان گڏ ڪراچي جو شهر به سمنڊ حوالي ٿي ويندو.

درصل ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريان نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنو گرافي(اين آءِ او) جي ان وقت جي سربراهه ڊاڪٽر آصف انعام پاڪستان جي پارليامينٽ جي ميمبرن کي فيبروري 2015 ۾ هڪ پيغام ذريعي ان خطري کان آگاهه ڪيو هو، ان پيغام ذريعي ڊاڪٽر انعام خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن انڊس ڊيلٽا ۽ سامونڊي حدن ۾ موجود Sea Intrusion (سمنڊ ۾ دخل اندازي) کي نه روڪيو ويو ته امڪان آهي ته ملڪ جي فناشنل ڪيپيٽل ڪراچي پاڪستان جي سنڌ صوبي جي ٽي سامونڊي شهر 2060 تائين سمنڊ حوالي ٿي ويندا، سينيٽ جي سب ڪميٽي اهڙي چتاوڻي کي سنجيدگي سان ورتو ۽ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر ڪريم خواجه 28 مارچ 2016 تي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنو گرافي ڪراچي ۾ هڪ اجلاس جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت جي ڪيترن ئي اسيمبلي، سينيٽ جي ميمبرن ۽ سول سوسائٽي جي ٻين اهم شخصيتن کي اهڙي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ دعوت ڏني.

ان اجلاس ۾ مون به شرڪت ڪئي، اتي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار به موجود هو، سينيٽ جي سب ڪميٽي ۾ اين آءِ او جي سي ڊي ار سلمان عالمي ڊيلٽاس (World Deltas) تي تحقيق ڪندڙ هڪ اهم ريسرچر ڊاڪٽر جيمس سويشڪي(Dr james Syvitisky) جي اهم تحقيق جو حوالو ڏنو ته اڻويهين صدي ۾ انڊس ڊيلٽا تي آبپاشي نظام جي اڏاوت جي نتيجي ۾ سمنڊ اندر سنڌو درياءَ جي ڇوڙ کي روڪڻ شروع ڪيو ويو حالانڪه پراڻي زماني ۾ 17 ڪريڪس بجاءِ 19هين صدي ۾ سنڌو درياءَ کان سمنڊ ۾ پاڻي فقط هڪ ڪريڪ وهي رهيو هو، بقول ان جي نتيجي ۾ سمنڊ ۾ درياءَ جي ڇوڙ واري قدرتي طريقي ۾ رڪاوٽون پيون ان کانپوءِ انڊس ڊيلٽا ۾ بگاڙ پوڻ شروع ٿيو، ان مرحلي تي سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر سرفراز سولنگي جيولاجيڪل سروي آف پاڪستان طرفان تيار ڪيل سنڌ جو جيولاجيڪل نقشو پيش ڪيو جنهن جي ذريعي هن ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي ته ڪوٽڙي بيراج، منگلا ڊيم ۽ تربيلا ڊيم جي اڏاوت کانپوءِ سنڌو درياءَ جي تازي پاڻي جي نالي ماتر وهڪري سبب سمنڊ ۾ سلٽ جو مقدار گهٽجي ويو.

ان مرحلي تي اين آءِ او جي ڊاڪٽر آصف انعام وضاحت ڪندي چيو ته Sea Intersion جو سڌيءَ ريت لاڳاپو انڊس ڊيلتا جي Reduced Silt جي گهٽ ٿيندڙ سائيز سان آهي، هن چيو ته پاڻي اهو ميڊيم آهي جنهن جي ذريعي Silt ۽ Sediments جي ذريعي ڊيلٽا جي آلودگي ٿئي ٿي، ان کان پهريان هڪ رپورٽ ۾ ڊاڪٽر انعام اهو به چيو ته ” سنڌ جا ٽي شهر يعني ڪراچي، ٺٽو ۽ بدين انهن سببن جي ڪري وڌندڙ سمنڊ جي ان سطح سان سڌيءَ ريت خطري هيٺ آهن، هن چيو ته انهن سببن جي ڪري سمنڊ جي سطح بلند ٿيڻ جي نتيجي ۾ بدين، ۽ ٺٽو ضلعن جا ڪيترائي سامونڊي علائقا پهريان ئي سمنڊ حوالي ٿي ويا آهن جنهن سبب اتان جي رهاڪن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي،(جاري)

جي اين مغل

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)