اڏيرولال ۾ برساتي پاڻي فصلن کي تباهه ڪري ڇڏيو،آبادگار پريشان، ازالي جو مطالبو

news

اوڏيرولال(رپورٽ:حافظ امتياز علي چنا) تازين تيز طوفاني برساتن جتي سموري سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي اتي اوڏيرولال اسٽيشن ۽ ڀرپاسي جي آبادگارن ۽ زميندارن جا سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل وونئڻ،ڪيلو،  بصر ۽ ڀاڄين کي سخت نقصان رسايو آهي.

ان سلسلي ۾ آبادگار نور حسن هڪڙو، انور بلوچ، حاجي محمد صديق هڪڙو، ڪوثر هڪڙو، محمد صديق مير جت، فيض محمد بلوچ، شريف ساهووال، محمد حسن خاصخيلي، امير بخش هنڱورو، شاهه محمد بلوچ، علي محمد هنڱورو، عاشق حسين جسڪاڻي، ممتاز ڇٽو ۽ جعفر هنڱورو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سموري سنڌ ۾ برسات سٽيل ضلعن جي مدد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مٽياري واحد ضلعو آهي جتي آبادگارن جا هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن پر هن مهل تائين هڪ ٽڪي جي به مدد نه ٿي آهي.

هنن چيو ته فصل تباهه ٿيڻ سبب هو سخت پريشان آهن،  جڏهن ته ضلعي مٽياري طرفان ڪابه سروي نه ٿيڻ مان معلوم ٿي رهيو آهي ته آبادگارن ۽ هارين جي ڪابه واهر نه ٿيندي ۽ محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته مٽياري ضلعي کي ملندڙ امداد خاص ماڻهو پاڻ ۾ ورهائي کائي ويندا ۽ ننڍن آبادگارن کي ڪجهه به نه ملندو.

هنن وڌيڪ چيو ته آبادگارن کي فوري ڍل، آبيانو، زرعي قرض ۽ ٻيا ٽيڪس معاف ڪري فوري طور تي اوڏيرولال اسٽيشن ۽ آسپاس جي آبادگارن جي واهر ڪئي وئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.