واٽس ايپ صارفين لاءِ ڪال بٽڻ ۽ ڊوڊل فيچر جلد متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

نيويارڪ: (آچر 13 سيپٽمبر 2020ع) پيغام پهچائڻ جي سڀني کان وڏي موبائيل ايپليڪيشن واٽس ايپ اينڊرائيڊ صارفين جي لاءِ حيرت انگيز فيچر متعارف ڪرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.

واٽس ايپ تي نظر رکندڙ اداري ڊبليو اي بيٽا انفو جي رپورٽ موجب واٽس ايپ طرفان بيٽا ورزن  استعمال ڪندڙ اينڊرائيڊ صارفين جي لاءِ جلد ڪال بٽڻ ۽ ڊوڊل  فيچر متعارف ڪرايو ويندو. ان حوالي سان واٽس ايپ جي ٽيڪنيڪي ماهرن فيچر تي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻ  هن سهوليت جي آزمائش جاري آهي ته جيئن بيٽا ورزن استعمال ڪندڙ صارفين کان اڳ ان جي جانچ ڪري سگهجي.

اميد ظاهر ڪئي  پئي وڃي ته واٽس ايپ جي هي سهوليت ايندڙ هفتي جي شروعات ۾ صارفين جي لاءِ متعارف ڪرائي ويندي. 

واٽس ايپ هن فيچر کي استعمال ڪندي صارف کي پورٽ فوليو تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي تڪڙِي سهوليت ملندي. جڏهن ته ڪاروبار ڪندڙ صارفين جي لاءِ ڪيٽلاگ شارٽ ڪٽ جي سهوليت به متعارف ڪرائي ويندي.