اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ غازي خان ساهووال جو رهواسي پورهيت ٽرڪ هيٺان اچي فوت

news

اوڏيرولال (رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ غازي خان ساهووال جو رهواسي 21 سالن جو شعبان ولد رمضان ساهووال جيڪو مزدوري سانگي ڪيلي جي ٽرڪ مال سان لوڊ ڪرائي واپس اچي رهيو هو ته هلندڙ ٽرڪ مان لهڻ دوران سندس پير ترڪڻ جي نتيجي ۾ ٽرڪ جي هيٺان اچي سخت زخمي ٿي پيو.

جنهن کي سندس وارث رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن  کڻائي آيا، جتي موڪل هجڻ ڪري ڊاڪٽر نه هئڻ سبب کيس زخمي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو، زخمي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي  فوت ٿي ويو. جڏهن ته نوجوان مزدور شعبان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ قهرام مچي ويو.