قصور ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري هڪ ئي خاندان جي ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

news

قصور: (سومر 14 سيپٽمبر 2020ع) پنجاب صوبي جي شهر قصور ۾ چئن جوابدارن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري هڪ ئي خاندان جي ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

اي ڊويزن ٿاڻي جي حد ۾ پيش ايندڙ هن افسوسناڪ واقعي ۾  مڙس، زال ۽ اٺ ساله ٻارڙي  مارجي ويا. جڏهن ته 3 ٻار سخت زخمي به ٿي پيا آهن.

جوابدارن جي فائرنگ سبب عبدالحميد ۽ ان جي گهر واري ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا جڏهن ته چار ٻار سخت زخمي ٿي پيا جن مان هڪ ٻارڙي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ريسڪيو ذيعن موجب قتل ٿيندڙ زال مڙس جون لاشون ڊي ايڇ ڪيو منتقل ڪيون ويون آهن. جڏهن ته زخمي ٿيندڙ ٻارن کي جنرل اسپتال لاهور منتقل ڪيو ويو آهي.