تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ملڪ طاهر اقبال هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو

news

هريپور: (سومر 14 سيپٽمبر 2020ع) آمريڪي واپاري ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ملڪ طارق اقبال هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.

رپورٽ موجب ملڪ طاهر اقبال هريپور ۾ ويجهي مائٽ جي  جنازي نماز ۾ شرڪت ڪري واپس وڃي رهيو هو ته ڪوٽينره جي هنڌ تي نامعلوم جوابدارن سندس گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ سبب ملڪ طاهر  اقبال ٿڏي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته گاڏي جي ڊرائيور سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

زخمين جي سڃاڻپ گل نواز ولد گل خطاب، ساجد ولي رحمان ۽ ياسر ولد غلام جي نالي سان ٿي آهي. زخمين مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن کي ايبٽ آباد ريفر ڪيو ويو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته مقتول ملڪ طاهر اقبال جو آمريڪا ۾ ڪاروبار هو ۽ هو وزيراعظم عمران خان جي ويجهن دوستن مان هو. واقعي جو ڪيس نامعلوم مانهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.