سي سي پي او لاهور موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ تڪراري بيان ڏيڻ تي معافي گهري ورتي

news

لاهور: (سومر 14 سيپٽمبر 2020ع) سي سي پي او لاهور عمر شيخ موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ تڪراري بيان تي معافي گهري ورتي آهي.

سي سي پي او لاهور موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ تڪراري بيان تي معافي گهرندي چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي ڳالهين سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان متاثر عورت ۽ سمورن طبقن کان معافي گهران ٿو.

عمر شيخ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مان اڳ به ان بيان تي معذرت ڪئي هئي ته ان سان منهنجو ڪوبه غلط مقصد يا تاثر نه هو پر جيڪڏهن منهنجي بيان سبب  ڪا غلط فهمي پيدا ٿي آهي ته مان نه صرف زيادتي جو شڪار ٿيندڙ پنهنجي ڀيڻ کان معذرت ڪريان ٿو پر ان سمورن طبقن کان جيڪي هن وقت ڪاوڙ جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهن انهن کان به معافي گهران ٿو.