موهن جو دڙو جي تباهي جا رياضيدان کي ثبوت ملي ويا

news

نيويارڪ: قديم آثارن جا ماهر ڪافي وقت کان ان ڳالهه تي غور ڪري رهيا هئا ته شايد آبهوا ۾ تبديلي(ڪلائيمينٽ چينج) سبب موهن جو دڙو ۽ ان سان لاڳاپيل سنڌ جي تهذيب جو خاتمو آيو هو، هاڻ ان جو ارضياتي ثبوت به ملي ويو آهي.

روچيسٽر انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي جي رياضيدان نشانت ملڪ پنهنجي تحقيق سان ثابت ڪيو آهي ته مون سون جي وقت ۾ تبديلي سان سوڪهڙ جو راڄ قائم ٿيو ۽ ڪانسي جو زمانو(برنز ايج) جي شاندار تهذيب 3000 کان اڳ پنهنجي انجام تي پهتي هئي.

نشانت اتر ڀارت جي هڪ غار ۾ اگني واري معدن”اسٽيلگمانٽ“ هڪ جهڙي(آئسوٽوپ) جو جائزو ورتو آهي، ان طريقي سان معلوم ٿي وڃي ٿو ته وقت سان گڏ هڪ جاءِ تي ڪيتري مقدار جي برسات ٿي هوندي، اهڙيءَ طرح گذريل 5700 سالن ۾ مون سون جو مڪمل احوال معلوم ڪيو ويو.

نشانت جي تحقيق سان ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن سنڌ عروج ماڻي رهي هئي ته ان وقت مون سون جي برسات جو رجحان هو پر جڏهن ان جو زوال شروع ٿيو ته ان زماني ۾ مون سون جي دور جو پيٽرن تيزيءَ سان تبديل ٿيڻ لڳو، ان کانپوءِ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي، فصل سڪي سڙي ويا ۽ ائين تهذيب ختم ٿي وئي.

نشانت ملڪ ٻڌايو ته جڏهن اسان ڊيٽا وسيلي قديم آبهوا جو جائزو وٺون ٿا ته اهو مختصر وقت لاءِ هوندو آهي ۽ ان ۾ غيريقينيت جو وڏو دخل هوندو آهي، ان جي ابتر اسان رياضي ۽ موسمياتي تبديلي تي تحقيق ڪئي آهي، هي هڪ نئون طريقو آهي جنهن ۾ مختصر وقفي لاءِ موسمياتي تبديلين جو جائزو ورتو ويو آهي.

نشانت الگورٿم تي مشتمل مشين لرننگ ۽ انفارميشن ٿيوري کي به نظرهيٺ رکيو آهي، ان سان موسمياتي ريڪارڊ جا گم ٿيل پاسا معلوم ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه موسمياتي امڪانن تي به غور ڪيو ويو آهي پر اسٽيلگمانٽ جو ريڪارڊ به ايترو سٺو ناهي هوندو ۽ هر پنجن سالن بعد ئي مون سون جي صورتحال کي اجاڳر ڪري ٿو.

هڙاپا ۽ موهن جو دڙو ڏکڻ ايشيا جي تهذيب ۾ شامل آهن جن جو مقابلو مصري ۽ ميسوپوٽيما جي آثارن سان به ڪيو وڃي ٿو، پنهنجي عروج جي زماني ۾ هيءَ تهذيب 1500 ڪلوميٽر تائين ڦهليل هئي ۽ ڪجهه شهرن جي آبادي 60 هزار ماڻهن کان به وڌي وئي هئي پر ٻين ڪيترن ئي اسرارن سان موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جا ٻه اهم راز اڃان تائين فاش نه ٿي سگهيا جنهن ۾ ان جي ٻولي ۽ علامتن جو مطلب ڄاڻڻ ۽ خود ان تهذيب جو زوال شامل آهي.

جديد تحقيق موجب ان ڳالهه جا امڪان وڌي ويا آهن ته سنڌ جي اوچتو بربادي بگڙجندڙ موسمياتي نظام جي ڪري ٿي هئي.