news
حيدرآباد

ميٽنگن تي هلندڙ منهنجو ملڪ

مشاهدي جي ڳالهه آهي، ٽيهتر سالن کان پاڪستان تي راڄ ڪندڙ حاڪمن جا نالا ته مختلف هوندا آهن پر هنن جو حڪومتي انداز، يعني حڪومت ڪرڻ جو طريقيڪار هوبهو ساڳيو هوندو آهي، مون اڄ تائين اهڙو حڪمران ناهي ڏٺو جنهن اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اڳوڻي حڪومت کي دل تي برو ڀلو نه چيو هجي.

هر نئين حڪمران لاءِ اڳوڻا حڪمران چور، ڌاڙيل، ٺڳ، فاسق ۽ ڪرپٽ هوندا آهن، اها اسان جي حڪمرانن جي يگاني سڃاڻپ آهي، مون اڄ تائين اهڙي حڪمران کي ناهي ڏٺو جنهن حڪومت ڇڏيندڙ اڳوڻن حڪمرانن کي چڱو چيو هجي، ان لاءِ ڪي ٻه لفظ سٺا ادا ڪيا هجن يعني ٻه سٺا ٻول ٻوليا هجن.

پاڪستاني حڪمرانن جي ٻي سڃاڻپ آهي ميٽنگون ڪرڻ، ميٽنگن کانسواءِ ڪو به حڪمران پاڻ کي پاڪستان جو فرمان روا نٿو سمجهي، پاڻ کي حاڪم سمجهندڙن لاءِ ميٽنگون ڪرڻ ان جي لاءِ لازمي ٿيو وڃي، هڪ ڊگهي ۽ ويڪري ميز جي ٻنهي پاسن کان اسيمبلي ميمبر، اعليٰ آفيسر، منظور نظر يعني مشير، وزير ويٺا هوندا آهن.

ڊگهي ويڪري ميز جي منڍ کان وقت جو حاڪم بنفس نفيس هڪ تخت نما وڏي ڪرسي تي براجمان هوندا آهن، حاڪم جي ڪرسي اڳتي پوئتي ڪرڻ لاءِ سندس پويان هوشيار اٽينڊنٽ بيٺل هوندا آهن، اهڙيءَ طرح ميمبر، آفيسر ۽ وزيرن جون ڪرسيون اڳتي پوئتي ڪرڻ لاءِ ٿوري ٿوري فاصلي تي نائب قاصد هٿ ٻڌيو بيٺل هوندا آهن.

هڪ اسان جي اسپورٽس مين عمران خان کي ڇڏي ڪري، ٽيهتر سالن جي جدي پشتي سياستدانن ٻين جي شرڪت کانسواءِ پاڪستان تي حڪمراني ڪئي آهي، هو اسيمبلي ۾ پنهنجي ڪرسي کي پنهنجو تخت سمجهن ٿا، پنهنجي سيٽ کي پنهنجي خانداني ۽ قبائلي ميراث سمجهندا آهن.

ان کان پهريان سندن وڏا ان سيٽ تي ويهندا هئا، ان کانپوءِ سندن ايندڙ نسل ان سيٽ تي ويهي ملڪ جو ڀلو ڪندو رهندو، گذريل ٽيهتر سالن کان جدي پشتي سياستدان پاڪستان جو ڀلو ڪري رهيا آهن، اڳتي به امڪان آهي ته جدي پشتي سياستدان، اهڙيءَ طرح ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا ۽ ملڪ جو ڀلو ڪندا رهندا.

هن وقت جدي پشتي جو عملدار عمران خان آهي، هو ڪجهه غيرسياسي سياستدانن کي اقتداري ايوانن تائين وٺي آيو آهي، پهريون ڀيرو هنن اسميبلي جي فرش تي قدم رکيا آهن، هنن جي ٻن سالن جي رويي مان خبر پوي ٿي ته هو به جدي پشتي سياست جي ڍانچي ۾ فٽ ٿي ويا آهن، هنن جي کٽيل سيٽ تي هاڻ سندن اولاد ويهندو.

پڪ سان مون اها ڳالهه ان ڪري لکي آهي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي کٽي اسيمبلي ۾ پهتل عام ماڻهو ڏسندي ئي ڏسندي جدي پشتي سياستدان ٿي ويا، هنن جي کٽيل سيٽ هاڻ هنن کان ڪير به نٿو کٽي سگهي، پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي کٽي اسيمبلي پهتل غير سياسي ماڻهو جدي پشتي سياسدانن جهڙا انداز ڏيکاري رهيا آهن.

عمران خان بذات خود جدي پشتي سياستدانن جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي، هو ميٽنگ کانسواءِ ساهه نٿو کڻي سگهي، هن ميٽنگ لاءِ خاص طور تي جيڪا ميز يعني ٽيبل ٺهرائي آهي اها ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ وڪيٽن جي وچ تي پچ برابر ٻاويهه گز يعني ڇاهٺ فٽ ڊگهي آهي، ان ميز جي منڍ کان ويهي عمران خان ميٽنگ ڪندو آهي، ڪجهه ڪلاڪن ۾ ملڪ کي معاشي بحرانن مان ٻاهر ڪڍي ايندو آهي.

ميٽنگن ۾ ملڪ جا مالي ۽ اقتصادي مسئلا حل ڪندا آهن، ميٽنگ ۾ ملڪ کي ڪرپٽ آفيسرن کان نجات ڏياريندا آهن، ميٽنگن دوران زرداري ۽ نوازشريف پاران گڏ ڪيل دولت واپس آڻيندا آهن، پنهنجي ميٽنگن ۾ کنيل اربين روپين جو قرض واپس ڪندا آهن، ميٽنگن ۾ عالمي لاڳاپن کي بهتر کان بهتر ڪندا آهن، ميٽنگ ۾ هر پاڪستاني لاءِ تعليم ۽ طبي سهولتون مفت ڪندا آهن، دربدر ماڻهن لاءِ خيما ۽ گهر ٺاهيندا آهن، زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ناممڪن کي خان صاحب ممڪن ڪري ڏيکاريندو آهي.

ڪراچي جي مسئلن بابت خان صاحب اسلام آباد ۾ هڪ وڏي ميٽنگ ڪئي، سڀني کي ٻڌو، سڀني کي ٻڌايائين، ميٽنگ ختم ڪئي، جهاز ۾ ويٺو ڪراچي پهتو، وري ميٽنگ ڪئي، ميٽنگ ۾ ڪراچي جا سمورا مسئلا حل ڪيا، برساتي نالن تي ويٺل ماڻهن کي نون گهرن ۽ ڪالونين ۾ آباد ڪري ڇڏيو، برساتي نالا صاف ٿي ويا، بجلي جا ڪنڊا لاهرائي ماڻهن جي گهرن تي ميٽر هڻائي ڇڏيا.

سمنڊ ۾ زمين کسڻ جو سلسلو بند ڪرائي ڇڏيو، مسڪينن جي ڀلائي ڪاڻ حڪم جاري ڪيا ۽ عملدرآمد کانپوءِ مسڪينن کي هاڻ پيئڻ جو صاف پاڻي ملي رهيو آهي، بجلي ملڻ کانپوءِ مسڪين هاڻ اونڌهه ۾ ناهن رهندا، گيس اچڻ کانپوءِ مسڪينن جا چلها هاڻ ٿڌا نه رهيا، ميٽنگ دوران ئي ڪراچي سرڪلر ريل گاڏي هلرائي ڇڏي، ميٽنگ ختم ڪرڻ کانپوءِ وقت جو حاڪم جهاز ۾ ويٺو ۽ اسلام آباد هليو ويو، ڪراچي جا مسئلا حل ٿي ويا.


امرجليل

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)