متحده عرب امارات ۾ ڪورونا ويڪسين جي هنگامي استعمال جي اجازت

news

ابوظهبي: (اڱارو 15 سيپٽمبر 2020ع) متحده عرب امارات اي ڪلينڪل ٽرائلز جي ڪاميابي کان پوءِ هيلٿ ورڪرز جي لاءِ ڪورونا ويڪسين جي هنگامي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

متحده عرب امارات جي صحت واري وزير عبدالرحمان چيو آهي ته صحت واري وزارت اي ڪلينڪل ٽرائلز جي ڪامياب تجربن کان پوءِ ڪورونا ويڪسين جي هنگامي استعمال جي اجازت ڏني. ويڪسين جي هنگامي استعمال جي منظوري اماراتي قانون ۽ ضابطن جي عين موجب آهي.

ويڪسين سڀني کان اڳ ڪورونا وائرس جي مريضن جو علاج ڪندڙ فرنٽ لائن طبي عملي کي مهيا ڪئي ويندي. امارات صحت واري وزير پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته اسان جي قيادت وبا شروع ٿيندي ئي نئين ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا آهن.

رياست صحت جي شعبي جي استحڪام جي لاءِ سمورا وسيلا وقف ڪري ڇڏيا آهن. ياد رهي ته امارات ۾ ڪورونا ويڪسين جي تجربن جو ٽيون مرحلو هلي رهيو آهي.