سون جو اگهه هڪ دفعو ٻيهر لهي ويو

news

ڪراچي: عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ڪرڻ کانپوءِ صرافه مارڪيٽن ۾ ڇنڇر جي ڏينهن في تولو ۽ في 10 گرام سون جي اگهه ۾ ترتيبوار 500 روپيا ۽ 428 روپين جي گهٽتائي ٿي.

نتيجي ۾ ملڪ اندر في تولو سون جو اگهه گهٽ ٿي هڪ لک 14 هزار روپين ۽ في 10 گرام سون جو اگهه گهٽ ٿي 97 هزار 737 تائين ٿيو.

بلين مارڪيٽ جي نمائندن جو چوڻ آهي ته دبئي گولڊ مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني صرافه مارڪيٽن ۾ ڇنڇر تي به في تولو اگهه 8000 روپيا گهٽ رهيو.

جڏهن ته في تولو چاندي جو اگهه بغير ڪنهن تبديلي جي 1320 روپيا ۽ ڏهه گرام چاندي جو اگهه 1131 روپين 68 پيسن تي بيٺل آهي.