ڏوڪري ۾ ايس او پيز تحت اسڪول کلي ويا، تدريسي عمل شروع

news

ڏوڪري(رپور:عبدالجبار ميمڻ)پوري ملڪن ۾ ڪرونا وائرس وبا کان بچڻ لاءِ اسڪول بند ڪيا ويا هئا، سنڌ حڪومت طرفان ڇهن مهينن کان بعد ڏوڪري تعلقي ۾ ايس او پيز تحت اسڪول کلي ويا آهن، ان ڏس ۾ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ ڪورونا جي طويل لاڪ ڊائون کان پوءِ سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي عمل ڪندي نائين ۽ ڏهين درجي جا ڪلاس شروع ڪيا ويا.

استادن ۽ شاگردن سميت سموري عملي ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪندي فيس ماسڪ، سينيٽائيزر ۽ سماجي مفاصلي جي پابندي برقرار رکي.

ان موقعي تي ھيڊماستر نثار احمد سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪندي ڪلاس شروع ڪيا ويا آهن، شاگردن کي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان ماسڪ پارائي سينيٽائيزر سان هٿ صاف ڪرائڻ بعد ڪلاسن ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني آهي.