ڪورونا وائرس: دنيا ۾ ٻه ڪروڙ ستانوي لک ٽيونجاهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر

news

نيويارڪ: (اربع 16 سيپٽمبر 2020ع) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ 9 لک 39 هزار 674 ماڻهو فوت ۽ 2 ڪروڙ 97 لک 53 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.

دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر 2 ڪروڙ 15 لک 57 هزار 163 ماڻهو صحتياب ٿيا ۽ ايڪٽو ڪيسن جو انگ 72 لک 56 هزار 373  رهجي ويو آهي.

آمريڪا ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي آهي جتي 2 لک 197 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن ۽ 67 لک 88 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 50 لک 25 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ 82 هزار 124 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

برازيل ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ٽئين نمبر تي آهي.   جتي ماڻهن جو انگ 43 لک 84 هزار ماڻهو متاٿر ٿيا ۽ هڪ لک 33 هزار 207 فوتگيون ٿيون آهن. روس ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي آهي جتي 10 لک 79 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿي چڪا آهن ۽ فوتين جو گڏيل انگ 18 هزار 917 ٿي ويو آهي.

پيرو ۾ به 7 لک 38 هزار کان  وڌيڪ متاڻهو متاثر ٿي چڪا آهن جڏهن ته 30 هزار 927 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن. ڪولمبيا ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ڇهين نمبر تي آهي جتي 23 هزار 288 فوتگيون ٿيون آهن. جڏهن ته 7 لک 28 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 15  هزار 641 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 6 لک 51 هزار  کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. ميڪسيڪو ۾ 6 لک 76 هزار کان وڌيڪ  ماڻهو متاثر آهن ۽ 71 هزار 678 فوتگيون ٿيون آهن.

ياد رهي ته ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس 17 نومبر 2019 تي رپورٽ ٿيو هو ۽ 6 مارچ تي سڄي دنيا ۾ ڪيسن جو انگ 1 لک کان وڌيڪ ٿي ويو.