ڪورونا وائرس سبب برطانيه ۾ ست لک ماڻهو بيروزگار ٿي ويا

news

لنڊن: (اربع 16 سيپٽمبر 2020ع) ڪورونا وائرس سبب برطانيه ۾ 7 لک ماڻهو روزگار تان هٿ ڌوئي ويٺا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب موذي وبا سبب برطانيه ۾ جتي اقتصادي سرگرمين تي منفي اثر پيا آهن اتي وڏي انگ ۾ شهري پنهنجي نوڪرين تان فارغ ٿي ويا.

جنهن سبب حڪومت تي سپورٽ پروگرام ۾ واڌ جي لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي. رپورٽ موجب برطانيه ۾ صرف اپريل ۾ هڪ لک 2 هزار ماڻهو نوڪرين تان هٿ ڌوئي ويٺا ۽ بيروزگاري  جي شرح چار اعشاريه چار سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. برطانيه ۾ هوتلون ۽ ڪلب کلڻ جي باوجود معاشي سرگرميون معمول تي نه اچي سگهون آهن.

برطانيه ۾ جتي تيزي سان ڪورونا وائرس پکڙجي رهيو هو پر هاڻ ان جي رفتار ۾ گهٽتائي اچي چڪي آهي ۽ ورلڊ ڪورونا جي لسٽ ۾ هاڻ برطانيه 14هين نمبر تي اچي ويو آهي برطانيه ۾ 3 لک 74 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته فوتين جو انگ 41 هزار 600 کان وڌيڪ آهي.

دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 9 لک 30 هزار 140 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 2 ڪروڙ 97 لک  24 هزار 117 ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر 2 ڪروڙ 15 لک  38 هزار 547 ماڻهو صحتياب ٿيا ۽ ايڪٽو ڪيس جو انگ 72 لک 48 هزار 430 رهجي ويو آهي.