سعودي عرب: پهرين حجم عورت جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

news

رياض: (خميس 17 سيپٽمبر 2020ع) سعودي عرب جي عورت حجامت جو پيشو اختيار ڪري ورتو آهي جنهن کان پوءِ هو ملڪ جي پهرين حجم عورت بڻجي وئي.

عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب وفا سڪر نالي عورت ٻارن جي هيئر ڊريسر آهي هو مردن جا وار نه ڪٽيندي آهي. وفا جي پنهنجي سيلون ۾ ٻارن جا وار ٺاهيا ويندا آهن جنهن جي وڊيو  سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

وفا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته منهنجو سيلون طائف شهر جي هڪ مال ۾ واقع آهي جيڪو في الحال لائسنس ري نيو نه ٿين سبب عارضي طور تي بند آهي پر مقامي اختيارين جي منظوري کان پوءِ سيلون ٻيهر کوليو ويندو.

عرب ميڊيا موجب عورت بطور هيئر ڊريسر ڪيترائي سال ڪم ڪيو آهي ۽ ڪم جي دوران ٻارن جو خيال رکڻ جي حوالي سان ان جي ڪم جي تعريف ڪئي ويندي آهي. وفا جو چوڻ آهي ته بطور عورت هيئر ڊريسر منهنجي موجودگي هڪ غير معمولي ڳالهه آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا مون سوسائٽي ۾ هن حوالي سان سٺي تجربي کي منهن ناهي ڏنو.  ڇو ته سوسائٽي ۾ ماڻهو عورتن کي ٽيچر ۽ نرس ڏسڻ جا عادي آهن.