انڊونيشيا ۾ ماسڪ نه پائيندڙن کي ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن لاءِ قبرون کوٽڻ جي سزا ڏني وئي

news

جڪارته: (خميس 17 سيپٽمبر 2020ع) انڊونيشيا ۾ ٻاهر گهمڻ جي باوجود ماسڪ نه پائيندڙ ماڻهن کي سزا جي طور تي هڪ قبرستان ۾  قبرون کوٽڻ جو ڪم ڏنو ويو آهي.

تفصيل موجب  پوليس اهڙن اٺن ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪي ڪورونا جي سخت هدايتن جي باوجود بنا ماسڪ جي گهر مان ٻاهر نڪتا هئا اهي ماڻهو اولهين علائقي جاوا مان گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ ان کان پوءِ کين ڳوٺ جي عوامي قبرستان ۾ ان ماڻهن جي لاءِ قبرون کوٽڻ جو ڪم ڏنو ويو جيڪو ڪورونا سبب فوت ٿي چڪو هو. ان جو سبب اهو آهي  آهي ته وڏي آبادي واري ترقي يافته ملڪ انڊونيشيا ۾ ڪورونا 19 جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن.

هن سزا جي وضاحت ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي چيو آهي ته هي سزا بطور وارننگ آهي هي سزا اهڙن ماڻهن لاءِ مثال بڻجندي جيڪي ڪورونا جي هدايتن  جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.