نوابشاهه ۾ اسٽار ويئرنگ تقريب، اعليٰ پوليس آفسيرن جي شرڪت

news

نوابشاهه(رپورٽ:فدا چانڊيو)ريجنل پوليس آفيسر حيدرآباد ڊاڪٽر جميل احمد چيو آھي ته سنڌ پوليس پاران ڏوھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن جڏھن ته ڏوھارين خلاف وڏي پيماني تي ڪاروايون جاري آھن، اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ شھيد بينظيرآباد رينج  پوليس آفيس جي دوري دوران پوليس آفيسرن سان ڳالهائيندي ڪيو.

ھن وڌيڪ چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بنائڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ کان علاوہ ڏوھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سمورا آفيسر ۽ اھلڪار پنھنجا فرض ايمانداري سان سرانجام ڏين، ان موقعي تي ريجنل پوليس آفيسر ڊاڪٽر جميل احمد ڊي آئي جي مظھر نواز شيخ سان گڏجي اينٽي رائيٽ اسڪوائڊ،ڪيو آر ايف اسڪوائڊ،ٽريفڪ پوليس اسٽاف،اسپيشل برانچ،وومين ڪمپلين سيل اسٽاف سان ملاقات ڪئي ۽ انھن کان مسئلا معلوم ڪيا جڏھن ته اي ايس آئي مان سب انسپيڪٽر جي عھدي تي ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي اسٽار ويئرنگ تقريب ۾ پنھنجي ھٿن سان اسٽار لڳايا.

ان موقعي تي ڊي آئي جي پوليس شھيد بينظيرآباد رينج مظھر نواز شيخ، آر پي او حيدرآباد کي شھيد بينظيرآباد رينج ۾ امن امان جي صورتحال سميت اسٽاف ۽ شھيدن جي خاندانن جي فلاح بھبود ۽ رينج ۾ ڏوھارين خلاف ڪيل ڪاررواين بابت آگاھي ڏني،ان کان اڳ ريجنل پوليس آفيسر ڊاڪٽر جميل احمد کي رينج پوليس آفيس شھيد بينظيرآباد ۾ اچڻ تي پوليس جي چاڪ ۽ چوبند دستي پاران سلامي پيش ڪئي وئي جڏھن ته ڊي آئي جي مظھر نواز شيخ پاران مھمان خاص ڊاڪٽر جميل احمد کي ڀليڪار چيو ۽ اعزازي شيلڊ پيش ڪئي جڏھن ته ٽنھي ضلعن جي ايس ايس پيز پاران سنڌ جي ثقافت ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا بعد ۾ ريجنل پوليس آفيسر ڊاڪٽر جميل احمد ڊي آئي جي آفيس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو، ان موقعي تي ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو،ايس ايس پي سانگھڙ عثمان غني صديقي،ايس ايس پي نوشھروفيروز الطاف حسين لغاري ۽ ٻيا پوليس آفيسر موجود ھئا.