ڪٽنب سميت ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو هئس:نيل پيٽرڪ هيرس

news

نيويارڪ:آمريڪي اداڪار نيل پيٽرڪ هيرس انڪشاف ڪيو آهي ته هو ڪٽنب سميت هلندڙ سال مارچ ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو هو.

هائو ميٽ يور مدر ۾ برني جي ڪردار سبب مشهور 47 سالن جي اداڪار چيو آهي ته هاڻ اسان پاڻ کي بهتر محسوس ڪري رهيا آهيون.

نيل پيٽرڪ هيرس تصديق ڪئي آهي ته هاڻ هو خطري کان پري آهي پر بدقسمتيءَ هو ڪورونا وائرس کي عام فلو سمجهي ويٺو هو.

ڪورونا وائرس جي حوالي سان مون پنهنجي دماغ ۾ ڪنهن وسوسي يا خلل کي جاءِ نه پئي ڏني پر پوءِ منهنجي سنگهڻ ۽ چکڻ جي حس ختم ٿيندي وئي جيڪو منهنجي لاءِ هڪ اشارو هو، هن چيو ته ڪورونا وائرس جو تجربو خوشگوار نه هو.