گمبٽ جي پرائمري استاد پاران بااثرن جي موتمار ڌمڪين خلاف احتجاج، تحفظ جي گهر

news

گمبٽ (رپورٽ: ادريس عباسي) گمبٽ جي پرائمري استاد لڇمڻ داس کي ڀوڄو مل مينگھواڙ ۽ اڻسڃاتل ماڻهو پاران گھر جي در تي اچي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ ست لک رپين وٺڻ جي گهر ڪئي، استاد لڇمڻ داس صحافين اڳيان  دانھيندي چيو ته ڀوڄو مل مينگهواڙ منهنجي گهر اچي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي 2 سال اڳ ۾ به ڀوڄو مل کي قانوني طريقي سان وڪيل جي معرفت ليگل نوٽيس موڪيا ھئا.

جوابدار بااثر ھجڻ سان گڏ وگڏ وياج جو ڪاروبار پڻ ڪندا آهن، اسان جي مٿان بنا ثبوت جي ستن لک روپين جو قرض ڄاڻاڻي پيسا وصول ڪرڻ جي چڪر ۾ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا.

ھن ايس پي خيرپور، ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مون مسڪين پرائمري استاد ۽ منهنجي ٻچن کي انهن وياج خور بدمعاشن کان تحفظ ڏياريو وڃي.