news
بدين

بدين ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) پ پ پ شهيد ڀٽو طرفان شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 66 هين سالگرهه جو ڪيڪ اڳواڻن محمد اشرف سمون، علي محمد قمبراڻي، شجاعت خواجه، عامر ميمڻ، نور محمد ڀٽي، راشد شيدي، سرفراز انصاري ۽ ٻين پاران پريس ڪلب بدين ڪاٽيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي زندگي جي آخري گهڙي تائين ظلم ۽ جبر خلاف جدوجهد ڪئي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت ۽ مظلومن جي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو.