گوجرانوالا: ٻارن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کان پوءِ ٽي تعليمي ادارا سيل

news

گوجرانوالا: (ڇنڇر 19 سيپٽمبر 2020ع) تعليم کاتي پنجاب گوجرانوالا ۾ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جا 24 ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ اسڪولن کي ٻئي حڪم اچڻ تائين بند ڪيو ويو آهي. 

پنجاب جي تعليم کاتي موجب سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ 164 شاگردن ۽ شاگردياڻين  جي ڪورونا ٽيسٽ جي لاءِ سيمپل ورتا ويا هئا جن مان 24 ٻارن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

جن ٻارن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي اهي انهن ۾ گورنمنٽ پبلڪ اسڪول وزير آباد جا 5، گورنمنٽ هاءِ اسڪول سوهرده جا 5، گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول سوبدره جو شاگرد ۽ هڪ ٻئي خانگي اسڪول جي 12 ٻارن  ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ان حوالي  سان پنجاب جي تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته جن اسڪول ۾ ڪيس سامهون آيا آهن اتي ڊس انفيڪشن ڪيو ويندو. ان کان علاوه ايس او پيز وڌيڪ سخت ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ۾ نمايان گهٽتائي کان پوءِ 15 سيپٽمبر کان مرحليوار تعليمي ادارا کوليا ويا آهن. پر اسڪول کولڻ کان پوءِ ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيس سامهون آيا ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل نه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي اسڪولن کي بند ڪيو ويو آهي.