آبپاشي کاتي ٺٽو ۾ ڏيڍ ارب روپين جي ڪرپشن خلاف نيب جاچ شروع ڇڏي

news

ڪراچي:(رپورٽ:زاهد کوکر) نيب ٺٽي اندر آبپاشي کاتي ۾ ڏيڍ ارب روپين جي ڪرپشن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب نيب انڊومائينر جي لائننگ جي منصوبي ۾ ڪيل رڪارڊ ڪرپشن بابت جاچ شروع ڪري ڏني آهي. ان سلسلي ۾  نيب آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ڏانهن سوالنامو به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نيب آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي هڪ مهيني دوران منصوبي بابت سمورا تفصيل نيب آفيس ۾ جمع ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

منصوبي جي پي سي ون بجيٽ، ٺيڪيدار، مقرر ڪيل بجيٽ ۽ خرچن جا به تفصيل به نيب طلب ڪري ورتا آهن. هوڏانهن آبپاشي کاتي ۾ نيب پاران جاچ شروع ڪرڻ کان پوءِ لاڳاپيل کاتي جي آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.