ڏھرڪي ويجھو ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ نامعلوم جوابدارن هٿان چوڪيدار قتل

news

ڏھرڪي (رپورٽ: امداد علي سومرو) ڏھرڪي ويجھو ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ موبائيل ڪمپني تي چوڪيداري ڪندڙ سيد عنايت شاهه کي مبينا طور ڇرين جا وار ڪري  قتل ڪيو ويو آھي.

ان سلسلي ۾ وارثن ڏھرڪي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته سيد عنايت شاهه نئون ڪوٽ ۾ خانگي موبائيل ڪمپني جي چوڪيداري ڪندو آھي، جنھن کي رات دير سان اڻسڃاتل جوابدارن ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا ھئا. جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان نيو ويو، جتي زخمن جا تاب نه سھندي سيد عنايت علي شاھہ فوت ٿي ويو.

ڏھرڪي پوليس مقتول سيد عنايت شاهه جو لاش ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو آھي. جڏھن ته پوليس موجب اھڙي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.