ٽنڊوڄام لڳ زهريلو کاڌو واپرائڻ سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ پنج ٿي ويو

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ آدم جمالي ۾ زهريلو کاڌو واپرائڻ سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت. فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو. اڃا ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي. نينگري جو مڙهه اباڻي ڳوٺ ميرپوربٺورو روانو. علائقي واسي صدمي ۽ خوف ۾ ورتل.

خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ آدم جمالي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جي فوت ٿيل 4 گهر ڀاتين جي ويجهي عزيز ٻارڙي به فوت ٿي ويئي آهي. زهريلي کاڌي کائڻ بعد حالت خراب ٿيڻ سبب اسپتال داخل 4 سالن جي ثمينه ڌيءَ ڪبير خاصخيلي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

فوتي ٻارڙي جو مڙهه تدفين لاءِ اباڻي ڳوٺ ميرپور بٺورو روانو ڪيو ويو. فوتي ٻارڙي اڳ ۾ فوت ٿيل ڀيڻ ڀائرن جي ماسات ٻڌائي پيئي وڃي. ٻارڙي جي فوت ٿيڻ بعد زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 5 ٿي ويو آهي.

انهي کان اڳ ساڳئي خاندان جا چار ڀاتي پيرسن ڦوٽو خاصخيلي، سندس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي پڻ زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته فوتي ڦوٽو خاصخيلي جي گهر واري الله بچائي ۽ سس سوني ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل آهن. زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جي پنجن فوتگين بعد فوتين جا عزيز ۽ علائقي واسي سخت صدمي ۽ خوف ۾ ورتل آهن.

فوتين جي وارثن جو چوڻ آهي ته فوتين پاران واپرايل کاڌي ۾ ڪرڙي يا ٻي ڪا زهريلي شئي ڪرڻ سبب سندن موت واقع ٿيو آهي. جڏهن ته هڪ ئي گهر ۾ پنج فوتگين جو اصل سبب پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ئي معلوم ٿي سگهندو. فوتين جي پوسٽ مارٽم دوران حاصل ڪيل جزا ڪيميائي تجزيي لاءِ ڪراچي جي ليبارٽري موڪليا ويا آهن.

ٻئي طرف پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جي ڪوآرڊينيٽر ذيشان ميمڻ، پ پ ضلعي حيدرآباد ٻهراڙي جي انفارميشن سيڪريٽري اسماعيل وساڻ، شاهد جوڻيجو، نثار کٽياڻ ۽ ٻين اڳواڻن فوتين جي تڏي تي پهچي وارثن سان عذر خواهي ڪئي ۽ ساڻن ڏک ونڊيو.