ٽنڊومحمدخان ۾ ساس پاران شاعر پروفيسر پيربخش پياسي جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو

news

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران نامياري شاعر، اديب ۽ ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جي اڳوڻي سيڪريٽري، تعليمي ماهر پروفيسر پير بخش پياسي جي وڇوڙي تي ٽنڊو محمد خان ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿي گذريو.

ميڙاڪي کي نامياري تعليمي ماهر، شاهه لطيف جي شاعري جي پارکو، پروفيسر پير بخش پياسي جي ڀاءُ عبدالڪريم سومري، ساس جي ضلعي رابطه سيڪريٽري اعظم ڀٽي، ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري آغا جان آغا، نثار احمد ناز، مختيار نظاماڻي، اعجاز جسڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پروفيسر پير بخش پياسي بهترين شاعر، نامور تعليمي ماهر، جاکوڙي انسان، سٺ جي ڏهاڪي ۾ ساس جو متحرڪ سيڪريٽري رهيو، سٺ کان نوي جي ڏهاڪي تائين سندس علمي ۽ ادبي ڪردار وڏي اۡتساهه جو سبب رهيو، تعليمي حوالي سان هۡن هزارين شاگرد پيدا ڪيا جيڪي اڄ به اعلي' عهدن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.

هن ٻاراڻي ادب کان لکڻ جي شروعات ڪئي، اڌ صديءّ کان وڌيڪ سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي، سندس وڇوڙو سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب لاءِ ڪنهن سانحي کان گهٽ ناهي.