افغان فورسز جي طالبان ٺڪاڻن مٿان بمباري، عورتن ۽ ٻارن سميت ٻارنهن شهري مارجي ويا

news

ڪابل: (آچر 20 سيپٽمبر 2020ع) افغان صوبي قندور ۾ طالبان جي ٺڪاڻن تي افغان فورسز جي هوائي حملن ۾ 12 شهري مارجي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

افغان اختيارين موجب ضلعي خان آباد ۾ طالبان ٺڪاڻن تي افغان فورسز 2 فضائي حملا ڪيا حملي ۾ مارجي ويل  شهرين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

افغانستان جي بچاءُ واري وزارت جي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته هوائي حملن ۾ 40 کان وڌيڪ طالبان مارجي ويا آهن. افغانستان جي پارليامينٽ ميمبر فاطمه عزيز هوائي حملن ۾ عام شهرين جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پهريون حملو طالبان ٺڪاڻي تي ٿيو ۽ ٻئين حملي ۾ عام شهري  نشانو بنيا.

حملي ۾ 11 شهري مارجي ويا جڏهن ته 5 اڃان تائين گم آهن. ٻئي طرف طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد  چيو آهي ته افغان فورسز  جي فضائي حملن ۾ 40 شهري مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿي پيا پر هنن حملن ۾ طالبان جي مارجي وڃڻ جي حوالي سان ڪجهه به ناهي ٻڌايو.