پاڪستاني اداڪاره ميرا جي اسٽيج ڊرامي دوران فائرنگ ڪندڙ جوابدار گرفتار

news

فيصل آباد: (آچر 20 سيپٽمبر 2020ع) پاڪستاني اداڪاره ميرا جي اسٽيج ڊرامي دوران ٿيٽر جي ٻاهران فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي پوليس ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو. 

رپورٽ موجب فيصل آباد ۾ فيڪٽري ايريا جي علائقي ۾ تقريبن هڪ هفتو اڳ اداڪاره ميرا جي اسٽيج پرفارمنس جي دوران فائرنگ ڪري فرار ٿيندڙ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ٻن جوابدارن کي فيڪٽري ايريا ٿاڻي جي پوليس چئن ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.

گرفتار ٿيندڙ جوابدارن ۾ عادل اعواڻ، شعيب، اسد ۽ سميع الله شامل آهن. پوليس موجب جوابدار ڦرون ۽ ڀتي خوري جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوٿ رهي چڪا آهن ۽ هنن سئنيما جي ساک کي نقصان پهچائڻ جھي لاءِ فائرنگ ڪئي. گرفتار ٿيندڙ چئني ڄڻن کي جيل منتقل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.