پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نٿيا گلي ۾ جاري ٻن ڏينهن وارو اجلاس ختم

news

لاهور: (آچر 20 سيپٽمبر 2020ع) پي سي بي چيئرمين احسان ماني جي صدارت هيٺ نٿيا گلي ۾ هلندڙ پي سي بي جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس ختم ٿي ويو آهي.

پي سي بي جي ترجمان موجب هي هڪ انٽرنل اجلاس هو جنهن ۾ سڀني پنهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي پنهنجو نقطو بيان ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ زمبابوي جي خلاف سيريز، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ڪرڻ سان گڏ ڪجهه اهم سفارشن تي اتفاق ڪرڻ کان پوءِ گورننگ بورڊ طرفان شرڪت ڪندڙن کي به اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته ڪوڊ آف ايتهڪس کي لاڳو ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو.

احسان ماني جي صدارت  هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ بورڊ جي سمورن شعبن جي هيڊز شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن  ٻن سالن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن سان گڏ مستقبل جي حڪمت عملي تي به مشاورت ڪئي.

رپورٽ موجب احسان ماني نيشنل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جيڪو 23 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ئي طلب ڪيو ويو آهي ان سان گڏ چيف ايگزيڪٽو وسيم خان ۽ ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس نديم خان به هن اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.