مشهور اداڪاره ۽ گلوڪاره ملڪه ترنم نور جهان جي اڄ سالگره ملهائي پئي وڃي

news

اسلام آباد:(سومر 21 سيپٽمبر 2020ع) ملڪ جي مشهور اداڪاره ۽ گلوڪاره ملڪه ترنم نور جهان جي اڄ 94هين سالگره ملهائي پئي وڃي هو 21 سيپٽمبر 1926ع تي قصور ۾ پيدا ٿي هئي.

نور جهان جو اصل نالو الله وسائي هو. هن پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات بطور چائلڊ اسٽار 1935ع ۾ ڪيو. فلم گل بڪاولي ۾ ڪمال جي اداڪاري کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو ۽ هي ئي اها فلم هئي جنهن سان گلوڪاره جي شهرت ۽ مشهوري جي شروعات ٿي. ملڪه ترنم 1941ع ۾ موسيقار غلام حيدر جي فلم خزانچي ۾ پهريون ڀيرو پلي بيڪ سنگر جي طور تي ڪم ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ان جي ٻين مشهور فلمن ۾ دوست، لال حويلي، بڙي مان، نادان، نوڪر، زينت، انمول، گهڙي ۽ جگنو جا نالا به آهن. پاڪستان جي آزادي کان اڳ هن فلم چن وي کان پنهنجي پاڪستاني ڪيريئر جي شروعات ڪئي. هن فلم جي هدايت به نور جهان ئي ڏني هئي. بطور اداڪاره ان جي ٻين فلمن ۾ گلناز، دوپٽه، پالي خان، لخت جگر، انتظار، نيند، ڪوئل، چهومنتر، انار ڪلي ۽ مرزا غالب جا نالا شامل آهن.

جنهن کان پوءِ ملڪه ترنم اداڪاري کي الوداع چئي پنهنجو پاڻ کي گلوڪاري تائين محدود ڪري ڇڏيو. هڪ رڪارڊ موجب هن 995 فلمن جي لاءِ نغما رڪارڊ ڪرايا ان جي آواز جو جادو اڄ به مداحن تي طاري آهي. پاڪستان جي حڪومت کيس صدارتي ايوارڊ ۽ نشان امتياز عطا ڪيو جڏهن ته ان جي مداحن کيس 10 سالن جي عمر ۾ ئي ملڪه ترنم جو خطاب ڏئي ڇڏيو هو. ملڪه ترنم نور جهان 23 ڊسمبر 2000 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي جنهن کان پوءِ کيس ڪراچي ۾ ڊفينس سوسائٽي جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.