تاج محل کي ڇهن مهينن کان پوءِ سياحن لاءِ کوليو ويو

news

آگره: (سومر 21 سيپٽمبر 2020ع) ڪورونا وائرس جي ڪري ڇهن مهينن جي بندش کان پوءِ تاج محل ۽ آگره فورٽ کي سياحن جي لاءِ کوليو ويو.

ڀارتي ميڊيا  موجب تاج محل ۽ آگره فورٽ کي مڪمل ايس او پيز ۽ سمورين حفاظتي انتظامن سان گڏ کوليو ويو آهي ۽ سياحن جي لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. تاج محل ۾ ٻن مرحلن ۾ هڪ ڏينهن ۾ پنج هزار سياحن کي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.

2 هزار 500 سياح ٻنپهرن جو 2 وڳي کان اڳ ۽ 2 هزار 500 ٻئين بجي کان پوءِ تاج محل جو سير ڪري سگهندا.  آگره قلعي ۾ به روزاني 2500 سياحن کي اچڻ جي اجازت هوندي. جڏهن ته ٽڪيٽ به آن لائن ئي خريد ڪري سگهبا.

ڀارتي حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ تاج محل ۽ آگره فورٽ 21 سيپٽمبر تي کولڻ جو اعلان ڪيو هو. ياد رهي ته تاج محل کي ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ 17 مارچ کان عوام جي لاءِ بند ڪيو ويو هو. اتر پرديش رياست ملڪ ۾ ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ پنجين رياست اهي جتي ڪيسن جو  گڏيل انگ تقريبن ساڍا 3 لک آهي.