ملڪ ۾ موسيقارن جي حوصلا افزائي لاءِ مختلف پليٽ فارمز هجڻ گهرجن:بلال مقصود

news

ڪراچي: ميوزڪ بينڊ اسٽرنگز جي ميمبر ۽ نالي واري گلوڪار بلال مقصود چيو آهي ته موسيقارن جي حوصلا افزائي لاءِ ملڪ ۾ مختلف پليٽ فارمز هجڻ گهرجن.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان ۽ قومي ورثي جي ترقي لاءِ ملڪ ۾ فلم انڊسٽري ۽ سينيما جي بحالي لاءِ منظوري ڏني هئي.

وزيراعظم جي خاص مددگار رٽائرڊ ليفٽيننٽ عاصم سليم باجوه فلم ۽ سينيما انڊسٽري جي بحالي بابت هڪ ورڪنگ پيپر پيش ڪيو هو جنهن کي وزيراعظم منظور ڪري ڇڏيو.

اجلاس ۾ فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻهن کي مراعتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ وزيراعظم معياري فلمون ٺاهڻ تي زور ڏنو هو.

ان حوالي سان بلال مقصود فيس بڪ جي فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو جاري ڪئي ان جي ڪيپشن ۾ لکيو ته هيءَ تمام گهڻي اهم شيءِ آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

پنهنجي وڊيو پيغام ۾ بلال مقصود چيو ته مون اخبار جي فرنٽ پيج تي هڪ تصوير ڏٺي جنهن ۾ وزيراعظم ملڪ ۾ سينيما جي بحالي بابت اجلاس جي سربراهي ڪري رهيو آهي، سٺي ڳالهه آهي پر اهو به ٻڌايو ته ميوزڪ انڊسٽري جي جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن.