سڪرنڊ ۾ ال پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي،ڌرڻو

news

سڪرنڊ (رپورٽ: مشتاق سولنگي) آل پارٽيز الائينس سڪرنڊ جي سڏ تي اعلانيل تحريڪ جي ٽئين مرحلي ۾ حيسڪو سڪرنڊ پاران هٿرادو لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي قاضي احمد روڊ تان گذرندي حيسڪو آفيس پهتي، جتي  روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ حيسڪو سڪرنڊ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن فلڪ شير اوڏ، مولانا احسان الله موروجو، حاجي رفيق احمد خانزاده، عبدالقادر جيلاني، مسعود شاهه، عبد الرشيد پرهياڙ، نوراحمد رند، نعيم انصاري، نياز لاشاري، علي بخش ڪيريو، ارشاد ڪلر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيسڪو سڪرنڊ  غير قانوني واڌو لوڊ شيڊنگ ڪندي روزانو 12 کان 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي، جنهنڪري ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيا آهن ۽ عوام تڪليف کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هنن چيو ته اسان اڳ ۾ به حيسڪو سڪرنڊ جي خلاف ڪافي احتجاج ڪيا آھن پر حيسڪو طرفان ڪابه موٽ نٿي ملي، هنن چيو ته جيڪڏھن اسان جا جائز مسئلا حل نه ٿيا ته اربع جي ڏينهن ايس اي آفيس نوابشاهه جي اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو ۽ ان کانپوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ به بلاڪ ڪري سگهون ٿا. احتجاجي مظاهري ۾ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي..